سنڌ جون خبرونصحتقومي خبرون

سنڌ ۾ نئين عمارتن جي بنا سرٽيفڪيٽ بجلي، گيس ۽ پاڻي ڪنيڪشنز ۽ ليز تي بندش

ڪراچي سنڌ ۾ خطرناڪ قرار ڏنل 740 عمارتن جي ٻيهر سروي مڪمل ڪرڻ جو حڪم:  نئين عمارتن جو سرٽيفڪيٽ ملڻ تائين بجلي، گيس ۽ پاڻي  ڪنيڪشنز، ليز ۽ سب ليز جاري ڪندڙ ادارن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو، صوبي ۾ غيرقانوني عمارتن خلاف ڪريڪ ڊائون جون به تياريون، ڪالهه صوبي ۾ زبون حال ۽ غير قانوني اڏيل عمارتن جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪاميٽي جي سربراهه ۽ مڪاني وزير سعيد غني جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته صوبي ۾ 740 زبون حال ۽ خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن جو ٻيهر سروي مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.  هن چيو ته زبون حال ۽ خالي ڪرايل عمارتن جي متاثرن کي 3 مهينن لاءِ مسواڙ طور ماهوار 30 هزار رپيا ادا ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪوبه ادارو ڪنهن به عمارت کي مڪمل ٿيڻ جي سرٽيفڪيٽ کان اڳ بجلي ،پاڻي يا گئس جا ڪنيڪشن فراهم ڪندو ۽ رجسٽرار طرفان انهي عمارت جي ليز يا سب ليز ڏني وئي ته سندس خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڊي سي ڏکڻ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ته هن وقت تائين 61 انتهائي خراب عمارتن جي ٻيهر سروي ڪري 56 عمارتن کي خالي ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته خالي ڪرايل عمارتن ۾ 300 کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿيا آهن، جن مان 25 سيڪڙو مسواڙي، 170 کان 180 پڳڙي تي آهن، جڏهن ته باقي مالڪ آهن. صوبائي وزير سعيد غني هدايت ڪئي 588 خطرناڪ عمارتن بابت رهواسين جي خدشن تي غور ڪيو وڃي، جيڪي عمارتون رهڻ لائق آهن يا انهن جي مرمت ڪرائي رهائش لائق بڻائي سگهجي ٿو، انهن عمارتن کي خطرناڪ يا غير محفوظ عمارتن جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صوبي جي سڀني غير قانوني عمارتن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو ۽ ايس بي سي اي جي وسيلن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ عمارتن خلاف ڪارروائي کي آئوٽ سورس ڪيو ويندو.

بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ معاهدوڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ پرڳڻي جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ عمارتن جي سروي جي حوالي سان معاهدو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان ڪالهه ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اهو معاملو به غور هيٺ آيو ته صوبي ۾ ناقص مٽيريل سان تيار ٿيل يا غيرقانوني توڙي رهائش جي قابل نه رهندڙ عمارتن جي سروي لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين وچ ۾ هڪ معاهدو ڪيو ويندو، جيئن انجنيئرنگ يونيورسٽين جي ماهرن کي به سروي ۾ شامل ڪري سگھجي.

 

 

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول جي ايڪٽ ۾ ترميمن جون تياريون: سفارشون طلب

ڪراچي: مڪاني وزير  سعيد غني سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ايس بي سي اي ايڪٽ ۾ ترميمن کي هفتي اندر آخري شڪل ڏني وڃي ته جيئن انهن ترميمن کي اسيمبلي مان منظور ڪرائي سگهجي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button