سنڌ جون خبرونقومي خبرون

سکر ۾ 38 عمارتون خطرناڪ قرار، هڪ پلازا جا دڪان سيل، دڪاندارن جو احتجاج

سکر  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران زبون حال قرار ڏنل عمارتن خلاف ڪارروائي جي شروعات. سکر بورڊ آفيس ڀرسان قائم پلازه جي دوڪانن کي سيل ڪيو ويو، رهائشي فليٽن جي رهواسي کي پاڻمرادو عمارت خالي ڪرڻ لاءِ مهلت، ان بعد گئس، بجلي، پاڻي بند ڪيو ويندو. ان باوجود خالي نه ڪرڻ تي ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  متاثر پلازه جي رهواسي شڪارپور روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ضلعي انتظاميه سان گڏجي سکر ۾ واقع رضوان پلازا کي زبون حال ۽ خطرناڪ قرار ڏئي ان خلاف باضابطه ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مطابق سکر بورڊ آفيس ڀرسان موجود هن عمارت جي هيٺين حصي ۾ قائم دڪانن کي پهرئين مرحلي ۾ سيل ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ فليٽن جي بجلي، پاڻي ۽ گيس جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا. جيڪڏهن ان باوجود عمارت خالي نه ڪئي وئي ته ڪاروائي ڪري زبردستي عمارت کي خالي ڪرايو ويندو. ٻئي طرف پلازا جي رهواسين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن خلاف پلازه ڀريان سکر- شڪارپور روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، متاثرن جو چوڻ آهي ته عمارت خالي ڪرائڻ کان اڳ کين متبادل رهائش فراهم ڪئي وڃي، اسان جي پوري زندگي جي ڪمائي آهي، ايتري سگهه ناهي جو ٻئي هنڌ ڪرائي تي فليٽ حاصل ڪري سگهون. وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ڪن.ٻئي پاسي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سکر ۾ قائم 38 عمارتن، جاين، دوڪانن کي خطرناڪ ۽ زبون قرار ڏيندي فهرست جاري ڪئي آهي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button