پريالوءِ ۾ رت جي راند: کورکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين مالڪي تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل

پيرجوڳوٺ پريالوءِ ڀرسان لڳ ڳوٺ گل محمد کورکاڻي ۾ کورکاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين آندل کورکاڻي ۽ محمد علي کورکاڻي وچ ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو هلندڙ هيو، جنهن ۾ ڌرين هڪٻئي مٿان ڇتي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جا پيءُ پٽ آندل کورکاڻي ۽ رمضان کورکاڻي قتل، ٻي ڌر جو محمد علي کورکاڻي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي زخمن جا تاب نه سهندي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڦهلجي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال خيرپور کڻائي وئي، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي، مقتولن جي گهرن ۾ ماتم ڇانئجي ويو.
مقتول جي گهرواري جي هڪ پٽ جي قتل ۽ ٻئي جي اغوا جو الزامپيرجوڳوٺ: قتل ڪيل آندل کورکاڻي جي گهرواري چيو ته ممتاز کورکاڻي ۽ سندس ساٿي زمين تي ويل منهنجي مڙس آندل کورکاڻي ۽ منهنجي پٽ رمضان کورکاڻي کي قتل ڪري منهنجي ٻي پٽ سعد الله کي اغوا ڪري ويا آهن جنهن جي حياتي خطري ۾ آهي.
|
آندل کورکاڻي اسان جي زمين تي حملو ڪيو: جوابدار ڄاڻايل ممتاز کورکاڻي
پيرجوڳوٺ: ممتاز کورکاڻي ٻڌايو ته گذريل ڪيتري عرصي کان آندل وارن سان اسان جو زمين تي مسئلو هلندڙ آهي، هنن اسان جي زمين قبضو ڪندي منهنجي والد رند کورکاڻي، غلام علي کورکاڻي، منهنجي چاچي علي نواز ۽ ڀاءُ اياز کورکاڻي، پڦي گلناز سميت 10 ڄڻن کي قتل ڪيو، جنهن بعدآندل وارا هتان لڏي ويا هئا اڄ آندل کورکاڻي، رمضان، سعدالله، ثناءُ الله، عمران خاشاڻي کورکاڻي سميت ڏهن کان مٿي هٿياربندن اسان جي گهرن مٿان حملو ڪري منهنجي چاچي محمد علي کي قتل ڪيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل آهي ته انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.