Foodsسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪشمور جي گودام تان ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو خدشو، نيب ٽيم پهتي، ٻورين جي ڳڻپ شروع

ڪشمور ڪشمور جي پي آر سي خوراڪ سينٽر تي پيل ڪڻڪ ۾ گھوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد خوراڪ سينٽر تي نيب سکر ٽيم ڇاپو هڻي کليل آسمان هيٺ ۽ گودامن ۾ پيل ڪڻڪ جو معائنو ڪندي ٻورين جي ڳڻپ شروع ڪري ڇڏي، ڪشمور جي پي آر سي خوراڪ سينٽر تي ھڪ لک نوي ھزار ڪڻڪ ٻوريون سرڪاري انگ اکرن ۾ ڏيکاريون ويون آهن، نيب عملدارن موجب شروعاتي جاچ ۽ گودامن ۾ پيل ڪڻڪ مان لڳي رهيو آهي ھزارن جي تعداد ۾ ڪڻڪ ٻورين ۾ خرد برد ڪئي وئي آهي ڪڻڪ خريداري جا انگ اکر ۽ ٻورين جي ڳڻپ سڀاڻي تائين مڪمل ڪري تفصيل پڌري ڪئي ويندي، نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اعجاز کوسو، مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ پاسڪو عملدارن کان ڪڻڪ جي ڳڻپ وارو عمل شروع ڪيو ويو نيب عملدارن موجب ھڪ لک 90 ھزار ڪڻڪ جي ٻورين جي خريد ٿيل انگ اکرن مطابق سينٽر تي ڪڻڪ اڻپوري آهي خريد ٿيل ڪڻڪ ڳڻپ ڪري رهيا آهيون، فوڊ انسپيڪٽر يوسف ملڪ موجب مليل ٽارگيٽ مطابق خريد ٿيل ڪڻڪ خوراڪ سينٽر تي موجود آهي کليل آسمان هيٺ پيل ڪڻڪ ھن وقت تائين ڊپارٽمينٽ طرفان ناهي کڻائي وئي ٻئي پاسي نيب سکر جي عملدارن ٻڌايو ته سڀاڻي تائين ڪڻڪ ٻورين جي مڪمل ڳڻپ ڪري طرفان مڪمل جاچ رپورٽ جاري ڪئي ويندي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button