لياري سانحو: متاثر ڪٽنبن جي مستقل آبادڪاري جو اعلان : 8 ڪامورن سوڌو 10 جيل منتقل

ڪراچي مڪاني کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت لياري سانحي جي متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪندي، سندن بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سانحي ۾ فوت ٿيل 27 ڄڻن جي وارثن کي 10، 10 لک رپين جي مالي مدد فراهم ٿي رهي آهي، جڏهن ته متاثر خاندانن کي متبادل طور تي 3 مهينن جي مسواڙ ادا ڪئي پئي وڃي. سانحي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏياري ويندي. بغدادي ۾ فوت ٿيل هڪ ئي خاندان جي 7 ڀاتين جي وارثن سان خاندانن سان تعزيت بعد صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسان ٻه ڏينهن اڳ ڪمشنر ڪراچي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته پلازا جي سڀني متاثرين کي ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ 3 مهينن جي مسواڙ ادا ڪئي وڃي ته جيئن اهي مسواڙي گهرن ۾ منتقل ٿي سگهن، هن چيو ته سڀني متاثرين جي مستقل بحالي لاءِ ٺاهيل ڪاميٽي جلد ئي هڪ ايڪشن پلان تي فيصلو ڪندي، جنهن هيٺ مستقل رهائش جو بندوبست ڪيو ويندو، هن چيو ته متاثرن جي بحالي لاءِ ٽائون آفيس ۾ هڪ ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي.
ڪراچي ڪراچي جي عدالت لياري ۾ 5 ماڙ پلازا ڊهڻ سبب 27 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ نامزد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 8 آفيسرن ۽ متاثر بلڊنگ جي 2 مالڪن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، گرفتار جوابدارن ۾ زرغام حيدر، عرفان حيدر نقوي، اشفاق حسين، محمد جليس صديقي، سيد فهيم مرتضيٰ، عاصم علي خان، سيد ذوالفقار شاهه، فهيم احمد ۽ بلڊنگ مالڪ رحيم بخش خاصخيلي سميت 10 ڄڻا شامل آهن، ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، وڏيڪ11 ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو وڃي، جوابدارن جي وڪيلن پاران اعتراض وارڻ تي عدالت جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.